سيد حاجي مهر علي شاهه

سيد حاجي مهر علي شاهه: سيد حاجي مهر علي شاهه 1902ع ڌاري ٺٽي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم سجاول مان ۽ ثانوي تعليم سنڌ مدرسة الاسلام، ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. شروعات ۾ حاجي عبدالرحيم شاهه سجاول واري جون زمينون سنڀاليندو هو. بعد ۾ سياسي ميدان ۾ آيو. سندس سياسي زندگيءَ جي شروعات تعلقي لوڪلبورڊ جي ميمبرشپ کان شروع ٿي. 1930ع ۾ هو تعلقي لوڪلبورڊ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن ٿيو، ساڳئي سال ڪراچي ڊسٽرڪٽ زميندار ۽ جاگيردار ايسوسيئيشن جو آڊيٽر، 1932ع ۾ جنرل سيڪريٽري ۽ 1935ع ۾ پهريون جوائنٽ سيڪريٽري ٿي رهيو.
جڏهن 1931ع ۾ بمبئي سرڪار اريگيشن بل ظاهر ڪيو، جيڪو سکر بئراج جي قيام کانپوءِ سموريءَ سنڌ تي لاڳو ٿيڻو هو. ڪراچي ڊسٽرڪٽ زميندار ۽ جاگيردار ايسوسيئيشن اهڙي بل کي لاڙ جي آبادگار طبقي لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو. انهيءَ ڏس ۾ ايسوسيئيشن جو هڪ وفد سيد حاجي عبدالرحيم شاهه جي سربراهيءَ ۾ ترتيب ڏنو ويو ۽ ان جي ذمي اهو ڪم رکيو ويو ته اهو ڪائونسل جي پوني ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ وڃي، سنڌ جي ميمبرن سان ملي کين حقيقت کان آگاهه ڪري. انهيءَ وفد ۾ جي. ايم سيد، وڏيرو عثمان سومري، امام بخش ڳاهي، فقير محمد ڪاڇي، سيٺ هرچندراءِ سان گڏ سيد حاجي مهر علي شاهه پڻ شامل هو. 1933ع ۾ جڏهن اهو محسوس ڪيو ويو ته ضلعي جي زميندارن ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي معاملن تي اختلاف موجود آهن، جيڪي اڳتي هلي کين نقصان رسائيندا ته انهن اختلافن کي ختم ڪرڻ لاءِ ضلعي جي معززين جي هڪ ميٽنگ، 8 آڪٽوبر 1933ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿي، جنهن ۾ سيد مهر علي شاهه، وڏيري محمد عثمان سومري ۽ سيٺ محمد جعفر خواجه تي مشتمل هڪ ڪاميٽي تشڪيل ڏني وئي ته جيئن اها انهن اختلافن کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون وٺي، 1934ع کان 1937ع تائين شاهه صاحب ’مدرسه هاشميه‘ سجاول جو ناظم ٿي رهيو، انهيءَ دوران جھمپير جي مسجد ۽ مندر واري معاملي ۾ پڻ وڏيري محمد عثمان سومري ۽ مکي گوبندرام حيدرآباد واري سان گڏ شاهه صاحب کي امين مقرر ڪيو ويو هو. 12 جون 1936ع تي پاڻيءَ جي اڻاٺ واري مسئلي تي جنهن وفد سنڌ جي گورنر سان ڪراچيءَ ۾ ملاقات ڪري، جھرڪ وٽ بئراج تعمير ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو، ان ۾ سيد حاجي مهر علي شاهه به شامل هو. 1938ع ۾ عليڳڙهه ۾ مسلم ملٽري ۽ هنري ڪاليج تعمير ڪرائڻ لاءِ انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ طرفان سنڌ ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي اڳواڻيءَ ۾ جيڪا ڪاميٽي قائم ڪئي وئي هئي، ان ۾ شاهه صاحب کي ڪراچيءَ لاءِ ڊسٽرڪٽ آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو هو. انهيءَ سال ڪراچي لوڪلبورڊ جي چونڊ ۾ سڀني اميدوارن پاران سيد حاجي مهر علي شاهه کي امين مقرر ڪيو ويو ته هو پنهنجي مرضيءَ ۽ اختيار سان ڪنهن کي به صدر چونڊي سگھي ٿو. شاهه صاحب وڏيري محمد عثمان سومري جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ وڏيرو اتفاق راءِ سان صدر چونڊجي ويو. 1939ع ۾ کيس لوڪلبورڊ جو چيئرمئن چونڊيو ويو. ان کانپوءِ هو ضلعي لوڪلبورڊ ۾ مختلف ڪاميٽين جو ميمبر ۽ سربراهه چونديو ويو. 1946ع ۾ ضلعي لوڪلبورڊ جو چيئرمئن ٿيو.
قيام پاڪستان کانپوءِ سيد مهر علي شاهه، عبدالستار پيرزادي جي وزارت ۾ لوئر سنڌ بئراج کاتي جو صلاحڪار رهيو، جنهن عهدي تان هن 1954ع ۾ استيعفا ڏني، جنهن بعد 1955ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، بعد ۾ ڊپٽي اسپيڪر به ٿيو. شاهه صاحب پهرين جنوري 1955ع ۾ وفات ڪئي، کيس مڪليءَ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ سيد حاجي مهر علي شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو